سنڌ ڏکويل ماٿري

سنڌ ڏکويل ماٿري

سنڌ ڏکويل ماٿري

سنڌ ڏکويل ماٿري (ڪتاب): هي ڪتاب رچرڊ برٽن جي ڪتاب (Scinde or the Unhappy Valley) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. رچرڊ برٽن جو هي ڪتاب پهريون ڀيرو انگريزيءَ ۾ 1851ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هو. مترجم ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب جي انگريزي قديم آهي، ڪيترا لفظ هسٽاريڪل آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ به موجود ڪو نه آهن، ان ڪري ڪٿي ڪٿي، ان خدشي کان ته متان ترجمو غلط ٿي وڃي. ڪي جملا حذف ڪيا ويا آهن. ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي: پهرئين ڀاڱي ۾ چوڏهن (باب) ڏنا ويا آهن. باب پهرئين: شِپ آف بيل آگبوٽ وسيلي سنڌ جو سفر بيان ڪيو ويو آهي. ان سفر دوران چانڊوڪي ۽ شمسي نظام، کنڀات ۽ ڊيئو قلعي، ڊوارڪا، ڪڇ جي نار، منهوڙي، سنڌ: نئين مصر ۽ ڪراچيءَ تي قبضي ۽ منهوڙي ۾ رهندڙ فوجين جو ذڪر شامل آهي. ٻاب ٻئي جو عنوان ’ڪراچيءَ تي نهار آهي‘ جنهن ۾ ڪراچي بندر ۽ ترقي، ڪراچيءَ جا موتي ۽ سپيون، شهر جي حالت، ملير ندي، رام باغ، اوڀر جي راتين ۽ ڏينهن کانسواءِ ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ گذارشون شامل آهن. باب ٽئين ۾ ڪراچيءَ جي فوجي ڪئمپ ۽ ان جو ماحول ڏٺو ويو آهي ۽ فري مئسن لاج، ڪلفٽن ۽ منگهي پير جو ذڪر به شامل آهي. باب چوٿين ۾: ’سنڌ جي سُوکڙي ۽ ڌوڙ جو دوڦان‘ عنوان هيٺ ڪراچيءَ جي موسم، گِزري ۽ گهاري ڏانهن سفر، برطانوي فوجيءَ جو قاتل ۽ مارشل لا وغيره جو ذڪر ڏنو ويو آهي. باب پنجين ۾: ’وٽاجيءَ جي مسجد ۽ مشرقي لکتون‘ تفصيل ۾ ڀنڀور جي ڏندڪٿا، سسئي پنهونءَ جو قصو، گهارو ۽ سامونڊي کاري، اُٺ جي سواري، اُٺن جو ڪارج ۽ جت، گجي جو ڳوٺ، موت جي سُوري ۽ ڌاڙيل جا پيٽي عنوان شامل ڪيا ويا آهن. باب ڇهين ۾: ٺٽي ننگر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي، ڪليان ڪوٽ، انگريزي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ وچڙندڙ بيماري، مڪليءَ جي قبرستان ۽ عيدگاهه، ولين ۽ بزرگن جي ڪرامتن، دُرگا ۽ پاروتي ديويءَ جي مندر جو ذڪر آهي. باب ستيـن جي عنـوانـن ۾: ’قديم دور ۾ ٺٽي جي فتح‘، باب اٺـيـن ۾ ’پرهه ڦٽي ۽ ونڊ سر محل‘ کانسواءِ ڏياري، شيخ رائڌڻ جي جهنگ، اوٽ، سنڌي پاڳين، شيخ رائڌڻ جي مقبري، گهرن جي اڏاوت ۽ ٻين موضوعن جو ذڪر ڪيل آهي. باب نائين جي عنوانن ۾: سوکڙيون ۽ منڊي، پکين جو شڪار ۽ شادين جو شوق، گلا ۽ پلاند، شراب ۽ ٽپهريءَ جي دعوت ۽ ساموئين جون اڳڪٿيون شامل آهن. باب ڏهين ۾ سونڊا، جهرڪ، شگارگاهه، افغان عورتون، سڪندر ۽ سنڌوءَ جي پوڄا، جهرڪ جي فوجي ڇانوڻي، انگريز ۽ سنڌي عورتون، هنومان جي مورتي، آغا خان جهرڪ ۾، آغا خان جي درٻار وغيره جو ذڪر آهي. باب يارهين جو عنوان آهي ’مشرقي تاريخ جا مونجهارا ۽ سنڌوءَ جو وهڪرو‘، هن باب هيٺ، پوکي راهي، ڪوٽڙيءَ جي نظاري، سافر بنگلي، خندق واري ڇانوڻيءَ تي حملي، حيدرآباد، سيوهڻ، قلندر جي درگاهه، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جو ذڪر آهي. باب ٻارهين ۾ سنڌ جي هندن، عامل هندن، هندو عورت، مشرقي عورت جي اولاد لاءِ پيار کي بيان ڪيو ويو آهي. باب تيرهين ۾ سنڌي ماڻهن جي جسماني بيهڪ، ذهني سوچ، زراعت، آبپاشي، وياج خورن، هارين، ڪوهستاني ۽ ٿري ماڻهن، کاڌي پيتي، نشيدار شين، سنڌين جي قوت ارادي ۽ برداشت وغيره جو ذڪر آهي. باب چوڏهين ۾ سنڌي عورت جي جسماني سونهن، برقعي جي رواج، عورتن جي پوشاڪ، هار سينگار، تعليم، مڱڻي ۽ شادي جي رسم، ٻار ڄمڻ، طلاق، چئن شادين جي رواج وغيره جو ذڪر آهي.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ 15 باب آهن. باب پهرئين ۾ مشرقي ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، چالاڪي ۽ ايمانداري، مشرقي ۽ يورپي ڪوڙن ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب ٻئي ۾ حيدرآباد کان اڳتي وڌڻ جون تياريون بيان ڪيون ويون آهن. باب ٽئين ۾ مياڻيءَ جي جنگي ميدان جون يادگيريون بيان ڪيون ويون آهن. باب چوٿين ۾ ڦليليءَ ذريعي سڏيرڻ جي دڙي، ميرن جي شڪارگاهن ۽ شڪار جي ٻين طريقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب پنجين ۾ ڳوٺ مير ابراهيم خان ٽالپر ڏانهن روانگي، مير ابراهيم جي شڪار گاهه، سنڌي پورهيت، هاري ۽ واڻيي واپاريءَ جو ذڪر آهي. باب ڇهين مير ابراهيم ٽالپر سان ملاقات،
مير جي محل، ڏيک ويک، مير ۽ مياڻيءَ جي جنگ جون يادگيريون ۽ سنڌ جي پرندن ۽ چرندن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باب ستين ۾ ساموئين (بي سر درويشن جون اڳڪٿيون)، ڪينجهر ۽ نوري ڄام تماچي، سنڌ جي ڀٽن ۽ ڀانن وغيره جو ذڪر آهي. باب اٺين ۾ ٻٻر بند، بلوچن جي راڳ جي طريقي، سنڌ ۾ رهندڙ بلوچن جي نسل، گهوڙن وغيره جو ذڪر آهي. باب نائين ۾ لڪي، سيوهڻ، سڪندر جي فوجي ڪئمپ، ڏند ڪٿائن، لڪيءَ کان سيوهڻ جي سفر ۽ قلندر جي نگريءَ جو ذڪر آهي.
باب ڏهين ۾ سنڌ جي هندن ۽ سندن گهڻن ٻارن ڄڻڻ واري صلاحيت بيان ڪئي وئي آهي. باب يارهين ۾ منڇر ڍنڍ، مهاڻن، منڇر جي موسم، لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي، ناچ جي راڳ جي محفل ۽ لاڙڪاڻي جي ناچن جو تذڪرو آهي. باب ٻارهين ۾ سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جا نظارا، سکن جي چتاءَ ۽ جنگ جي سرگرمين جو ذڪر آهي. باب تيرهين ۾ شڪارپور، ان جي ماڻهن، هندو واپارين، افغانن ۽ شڪارپور- وچ ايشيا جي مارڪيٽ جو ذڪر آهي. باب چوڏهين ۾ اتر سنڌ جي ارڏن ماڻهن ۽ سکر ڏانهن واپسيءَ جو ذڪر آهي. جنهن ۾ سنڌوءَ رستي سفر، سنڌ ۾ پلي جي شڪار، پلي جي سواد، سنڌو درياهه ۾ مڇيءَ جي قسمن سان گڏ واپس ٺٽي پهچڻ جو ذڪر آهي.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 433 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري ڇپايو آهي، 2006ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 240 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو